انسان جا پراسرار دشمن

انسان جا پراسرار دشمن

انسان جا پراسرار دشمن

انسان جا پراسرار دشمن (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري ليکڪ سليمان شيخ جو تحرير ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ انساني بيمارين جي جيوڙن بابت جامع معلومات ڏني وئي آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ انهن جيوڙن مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي سببن، علاج، علامتن وغيره جي نهايت آسان ۽ سرسري معلومات ڏني آهي. ڪتاب ۾ جيوڙن جي علم جي شروعات، جيوڙو هڪ ساهه وارو، جيوڙن جي پراسرار دنيا، جيوڙن جي قسمن بابت معلومات پڻ درج آهي. ڪتاب ۾ ابتدائي نوٽ ’جيءُ خوش ته جهان خوش‘ جي سري سان ليکڪ جي لکيل نوٽ سميت ممتاز علي قاضي، صدر سائنس سوسائٽي'>سنڌ سائنس سوسائٽي پاران ڪتاب جي تعارف وارو نوٽ به شامل آهي. ڪتاب جو انتساب ليکڪ پنهنجي امڙ کي ڪيو آهي. ڊيمي سائيز ۾ 158 صفحن تي مشتمل، ڪچي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت چار روپيا آهي. هيءُ ڪتاب 1974ع ۾ سائنس سوسائٽي'>سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي نئين ڪئمپس ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو